شاعر هفت زبان- فخر پاڪستان

شاعر هفت زبان- فخر پاڪستان

شاعر هفت زبان فخر پاڪستان

شاعر هفت زبان- فخر پاڪستان (ڪتاب): هي ڪتاب قاضي علي اڪبر درازي جو ترتيب ڏنل آهي. ڪتاب ۾ سچل سرمست جي چونڊ سنڌي ۽ سرائڪي شاعريءَ سان گڏ، سچل جي شان ۾ قادر بخش ‘بيدل’ جي چيل وائي، مرتب ڏانهن ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل خط، مرتب بابت گل محمد انصاري ۽ غوث بخش ‘خادم’ عباسي کهڙائيءَ جا لکيل مضمون، ڪن اخبارن ۾ مرتب بابت لکيل تاثر ۽ مرتب جا سچل بابت ليکڪ ڪيترائي مضمون شامل آهن. ڊيمي سائيز ڪچي جلد سان 58 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب همدرد پريس سکر مان 1975ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت اڍائي رپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو